جهمٽ مل واڌواڻي

جهمٽ مل واڌواڻي

جهمٽ مل واڌواڻي

جهمٽ مل واڌواڻي: جهمٽ مل واڌواڻيءَ جو جنم ڏهين مارچ 1921ع ڌاري سکر ۾ ٿيو. سندس تعليم بي. اي ۽ ايل. ايل. بي آهي. ورهاڱي کانپوءِ جهمٽ مل سنڌ مان لڏي وڃي ممبئي ۾ آباد ٿيو ۽ ممبئي ۾ اليڪٽريڪل انجنيئرنگ جو ڪاروبار شروع ڪيائين. جهمٽ مل جي سڃاڻپ سماج سُڌارڪ ۽ ليکڪ واري آهي، هو جتي هڪڙو منظم قسم جو سماج سڌارڪ رهيو آهي اتي هن پنهنجي لکڻين ۽ مضمونن ذريعي پڻ سُڌاري ۽ تبديليءَ جي ڳالهه ڪئي آهي، خاص ڪري تعليمي ميدان ۾ جهمٽ مل واڌواڻيءَ تمام گهڻو پتوڙيو آهي. هي ويوِڪ نندا ايجوڪيشن سوسائٽي جو باني صدر پڻ رهيو جنهن جي شروعات 1962ع کان ٿي ۽ انهيءَ سوسائٽي جي پليٽ فارم تان هڪ اسڪول کوليو ويو جنهن ۾ 250 ٻارن کي تعليم ڏني وئي ۽ سلسلو جاري رکيو ويو. هن وقت ويوِڪ ايجوڪيشنل سوسائٽي طرفان هندستان ۾ 21 تعليمي ادارا ڪم ڪري رهيا آهن جن ۾ انجنيئرنگ کان وٺي پوسٽ گريجوئيشن تائين جي تعليم ڏني وڃي ٿي. انهن ادارن ۾ بي. ايڊ، ايم. ايڊ ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي پڻ پڙهي وڃي ٿي، ان کانسواءِ انڌن ۽ ٻوڙن جا ڪجهه اسڪول پڻ سوسائٽيءَ جي پليٽ فارم تان هلايا وڃن ٿا. ويوِڪ ايجوڪيشن سوسائٽيءَ پاران ملندڙ تعليمي ادارن ۾ هن وقت 15 هزار کان مٿي شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا آهن.
جهمٽ مل واڌواڻي ’ڀارتيا سنڌو سڀا‘ جو پڻ باني آهي. هي ادارو سنڌي ماڻهن جي فائدن لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي جنهن جون هندستان ۾ اٽڪل 250 شاخون آهن. جهمٽ مل واڌواڻي ’ڀارتيا جنتا پارٽي‘ B.J.P جي پليٽفارم تان سياست به ڪئي پر جلد ئي اها ڇڏي ڏنائين.
هن سنڌي ٻوليءَ جي تمام گهڻي خدمت ڪئي آهي، جنهن لاءِ هن ’سنڌيت‘ نالي هڪڙو ادارو پڻ ٺاهيو آهي جيڪو پڻ ويوِڪ ايجوڪيشن سوسائٽي ممبئي جي سرپرستي هيٺ ڪم ڪري رهيو آهي.
هو پاڻ تي ڀاڙڻ وارو ماڻهو آهي، تنهنڪري هر وقت جفاڪشي ڪندو رهي ٿو. سندس زندگيءَ جو مقصد اهو آهي ته ”سادگيءَ سان زندگي گذاريو ۽ هميشه اوچو سوچيو“ سال 2000ع ۾ سندس ڪتاب ’سنڌي سماج چوراهي تي‘ سال 2001ع ۾ ’سنڌين جي قسمت مُٺ ۾‘ ڇپيا. جهمٽ مل واڌواڻي مڃتا طور ڪيترائي اوارڊ ۽ شيلڊون پڻ حاصل ڪيون آهن.


لفظ جهمٽ مل واڌواڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1921.03.10  عيسوي

جهمٽ مل واڌواڻيءَ جو جنم ڏهين مارچ 1921ع ڌاري سکر ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڄامڙو مريد علي ( راڳي)
محمد ڪريم اصفهاني ٺٽوي
عثمان هاروني خواجه
دينوري ابو حنيفه
عبدالرزاق کهڙو
سومر فقير هنڱورو
حسين بخش ملاح
خميسو خان استاد
دريا خان جلباڻي
هما مير
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون